نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻن??ي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪس??ان ۽ ت??ڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ ت??اون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻن??ي اڳواڻن سياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپڪاري مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪي??.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری