اسلام آباد – 07 ج??لاءِ (اي پي پي) بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آ??ي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏ??ن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آ??ي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي رپورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، هاڻي سنڌ حڪومت الله الله ڪري اهي رپورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ رليز ڪئي آ??ي اها اڌوري آهي، جي آءِ ٽي ۾ ج??ڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان جو ڪنهن کي فائدو ٿيو.
دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آهي: علي زيدي جو سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری