اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وي??دا. وزيراعظم عمران خا?? ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ هتي اس??ام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اس??يٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.
ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : رومن دولت