اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام ل??ءِ سازگار ماحول جڙي رهيو آهي، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل ل??ءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ??ون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي سان واپار وارو صلاحڪار ??بدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله س??ن ڳالهين کانپوءِ ميڊيا س??ن ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ??دا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔