اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادار?? خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ کي نيب جي سامهون پيش ڪرڻ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟ جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان داستان لکيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائ??ن آئي?? جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانو?? جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ کي احتساب لاءِ عدالت?? جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت جي سامهون رکي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ امين قرا?? ڏنو. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ صرف پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي آهي، ن ليگ جي دور ۾ ڪرپش?? جي بازار گرم هئي، مملڪتي وزير چيو ته جيڪو جيتري ڪرپشن ڪندو هو ان کي ايترو ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ مافيا سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ?? جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.
شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ