دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تع??ون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ ع??ائ??ائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پ??ڪس??ان سان تع??ون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بد??ائ??ندڙ منصوبو آهي ?? ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پ??ڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تع??ون ڪيو آهي، پ??ڪس??ان ۽ چين هڪ ج??مع ع??ائ??ائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.
وزيراعظم سان چيني پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش