اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پار??يا??ين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پار??يا??ين?? جي آٽوميشن سان پار??يا??ين?? جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان سان فوري فيصلا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف وزارتن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ سان گ??وگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ڳالهه پار??يا??ين?? هائوس ۾ سائبر ايفيشينٽ پار??يا??ين?? جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پار??يا??ين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ان منصوبي ۾ ش??مل فني معاملن جي نگراني ۽ پار??يا??ين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ پار??يا??ين?? جي آٽوميشن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ان منصوبي کي ان جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪ??ڻ لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.
پارليامينٽ جي آٽوميشن سان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو: صدر
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت