ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزير جي مقرري نه ڪري پاڪستان کي س??ار??ي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر س??ار??ڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي شروع کان خواهش آهي ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي ايندي ته خطي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانستان جي 38 ملين عوام کي بک ۽ غربت کان بچائڻ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري ورتي ۽ افغانستان جي مسئلي تي دنيا کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، س??ار??ي ڪاميابي سان نوازيو آهي ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون اين اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنه?? جو چونڊيل نمائندو سڄي دنيا ۾ پاڪستا?? جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سان ملڪي ترقي ۽ پاڪستا?? جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. معاشي س??ار??ڪاري تي به ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پرڏيهي پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني ملڪن سان برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ان کان پوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ڀٽه ۽ ٻين ساٿين سان گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي ڪيڪ ڪٽيو، ان کان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي وزير ملڪ عامر ??وگ??، بئريسٽر عثمان ??وگ??، ملڪ عدنان ??وگ?? جي والده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے