اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻ??رفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪس??ان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪس??ان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگ??هه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪس??ان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگ??هه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي سگهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪس??ان جي دوري سان پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪس??ان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪس??ان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بونانزا