اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سا?? ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دور?? جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سا?? گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ه?? پاڪستان جي عوام جي لاءِ اجنبي نه آهي، پاڪستان سا?? منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، اڄ کان 17 سا?? اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه ه?? ته ه?? افغان پناهگيرن جي لاءِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود 60 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، دهشتگرد?? جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن، ان دوران به ه?? پاڪستان آيو جڏهن سو??ت مان لکين ماڻهو دهشتگرد?? جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي سا??حو درپيش آهي، ايتري قدر وڏي ڪاٿ?? جي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سا?? لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا آهن، انهن جا گهر، روزگار، فصلون تباهه ٿي ويون آهن، انهن سا?? همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سا?? نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ ڪو حصو نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين کي روڪڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سا?? جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي معترف آهي، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آه?? جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سا?? ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ه?? مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتتي آفتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي پاڪستان سا?? تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ه?? عالمي برادري کي هن مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت جو شڪار آهي، ان موقعي تي پاڪستان جو ان پاران پاڪستان جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پاڪستان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته ه?? مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام سا?? گڏ بيٺل آهي، ان جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحال?? جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته ه?? ??نه??جي سچي دل سا?? ڳالهه ڪئي آهي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته ه?? هڪ درد دل رکندڙ پاڪستاني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ه?? گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ ملڪي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائ?? جي شفافيت سا?? استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa