اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيم??ن امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل امدادي ٽ??من ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽ??من کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصوصي جهاز بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ ا??نڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج