اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيج?? جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عم??ي طور تي جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگ??ر ڪئمپ ۾ اسرائيلي فضائي ۽ زميني ڪاررواي?? جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطيني?? جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گوشت ۽ رت سان ٺهيل انسان آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فضائي حملن سان هزارين پناهه وٺندڙ?? جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال