اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لا??ِ موثر حڪم?? عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لا??ِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪم?? عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪم?? عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزير??عظ?? واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لا??سٽڪس ڪمپنين جي لا??ِ عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزير??عظ?? کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لا??ِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لا??ِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزير??عظ?? پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لا??ِ موثر حڪم?? عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لا??ِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزير??عظ?? خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزير??عظ?? کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لا??ِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزير??عظ?? جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لا??ِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لا??ِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لا??ِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر