اسلام آباد – 12 – آڪٽ??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پاڪستان جي نام??د سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان ص??ر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نام??د سفير عراق ۾ ر??ندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نام??د سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی