اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستا?? کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. ??زي??اعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران ??زي??اعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهري?? کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ?? غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي س??ن خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليف?? کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.
پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ