اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائ?? ملت لياقت علي خان شهيد کي قوم جي لاءِ سندس بي پناهه خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ت?? هي ڏينهن اسان کي پاڪستان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قائ?? ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏياري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قائ?? ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي ت?? پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي ت??دير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته لياقت علي خان پاڪستان جي پهرين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قائ?? ملت ملڪ جي خودمختياري جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته لياقت علي خان شهيد پاڪستان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائ?? ملت نئين قائم ٿيندڙ رياست جي ب??يا??ن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته قائ?? ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قوم سان لياقت علي خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لازوال نشان ڇڏيو آهي، هڪ متحد، ??مهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جو قائ?? ملت جو ويزن اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته اچو نه رڳو لياقت علي خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته اچو قائ?? ملت لياقت علي خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ بهتر ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ قائ?? ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.
لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ