ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي ت??ويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي ت??ليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مس??لن جي حل لا??ِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مس??لن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري ت??ليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪوالٽي جي مس??لن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي ت??ليمي ادارن جي مس??لن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مس??لن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽ?? مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي ت??ليمي ادارن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.
بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن