اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آبا?? يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ ي?? جي) جي ??فد سان ڳالهائيندي چئي. ??فد جي قيادت آر آءِ ي?? جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. ??فد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران م??ازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان م??قعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان ??فد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. ??فد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف م??ڪ، عمران م??صود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.
علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو