اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪ??رروائي جي هدايت ڪ??ي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو رو?? ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪ??ي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبائي حڪومتن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪ??رروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻ?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ڪيلي ۽ بصر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪر?? جي درخواست منظور ڪر?? جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش ت?? ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائ??يڪ??ر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس، کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados