اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ، ملوث نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدن تان فوري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ، سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ٻئي س??ن تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي مثالي س??ا ڏيارڻ، ان حوالي س??ن ضروري قانونسازي ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جون هدايتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي س??ن اعليٰ سطح جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان اسمگلنگ جي پاڙ کان خاتمي جو پختو عزم رکان ٿو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اسمگلنگ ۾ خاتمي جي لاءِ حڪومت سان مڪمل تعاون تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ، ذخيره اندوزن ۽ انهن جي سهولتڪار آفيسرن جي فهرست تيار ڪري قانون لاڳو ??ندڙ ادارن ۽ صوبن کي فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ??شاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدي تان فوري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي، سمورن قانون لاڳو ??ندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ادارن کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ هڪ ٻئي س??ن تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي ۽ مثالي س??ا ڏيارڻ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ان حوالي س??ن فوري طور تي ضروري قانونسازي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسو ڦريندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قطعي طور تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ نوجوانن کي متبادل روزگار جي موقعن ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي شين جي پاڪستان ۾ وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ان جي مانيٽرنگ کي تيز ۽ موثر ڪيڳو وڃي. وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ کي مانيٽر ڪندڙ سسٽم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??ومي س??ح تي منشيات جي استعمال جي جانچ جي لاءِ سروي جي لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪرڻ ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، منشيات، کاڌي پيتي جي شين بشمول کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم مص??وعات، غيرقانوني هٿيارن جي حوالي س??ن تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي س??ن اي ڊي خواجه جي س??براهي ۾ قائم جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قومي اسمگلنگ جي خاتمي بابت اسٽريٽجي حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي منظوري جي لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ??ندڙ ادارن ۽ ڪسٽمز جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو آهي جنهن ۾ ضبط ٿيل اسمگل شين جي ماليت اٽڪل 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ناجائز استعمال ۽ ان جي آڙ ۾ اسمگلنگ ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪار آفيسرن جي نشاندهي تي اي ڊي خواجه جي س??براهي ۾ ڪميٽي جي رپورٽ کي س??راهيو ۽ قانون لاڳو ??ندڙ ادارن کي اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وف??قي وزيرن سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم ??ذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، قانون لاڳو ??ندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جي اهلڪارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد پاران اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان فوري طور تي هٽائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس