لاهور _12 سيٽمبر (اي پي پي) تربيلا ڊيم پنهنجي تاريخ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. 50 سال اڳ 1974ع جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ڊيم مڪمل ٿيڻ تي تربيلا ريزروائر ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ويو هو. واپڊا ترجمان مطابق تربيلا ٽيم گذريل پنج ڏهاڪن کان قومي فخر جي علامت سمجهو ويندو آهي. اهو سنڌ طاس پلان تحت تعمير ڪيل منصوبن ۾ اهم ترين منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ لکين ايڪڙ زرعي ايراضي کي پاڻي جي يقيني فراهمي ۽ ٻ??ڏ جي روڪ ٿام سان گڏوگڏ هزارين ميگا واٽ گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست پن بجلي مهيا ڪري رهيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل اڌ صدي دوران پاڪس??ان ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي جو اهم ترين جزو آهي. ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اهو ڊيم ڪيتري قدر اهم آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته تربيلا ڊيم پنهنجي مڪمل ٿيڻ کان هيل تائين زراعت لاءِ پنهنجي ريزيوائر ۾ ذخيرو ڪيل 406 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ڪري چڪو آهي جڏهن ته تربيلا هائيڊل پاور اسٽيشن مان نيشنل گرڊ کي 590 ارب 36 ڪروڙ 10 لک يونٽ سستي پن بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. پاڪس??ان ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان لڳ ڀڳ هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي برابر حاصل ٿيندڙ معاشي ۽ اقتصادي فائد?? حاصل ٿيندو آهي. اهڙي طرح ان ڊيم مان 50 سالن ۾ پاڪس??ان کي 406 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر فائد?? حاصل ٿي چڪو آهي.
تربيلا ڊيم جا 50 سال مڪمل ، ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: واپڊا ترجمان
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria