اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان يورپي يو??ين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، يورپي يو??ين سان لاڳاپن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن ??ي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن يورپي يو??ين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ پاڪستان ۾ يورپي يو??ين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا به شامل هئي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، انساني حقن ۽ موسمياتي تبديلين سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان يورپي يو??ين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ رخي الثقافتي، گهڻ مذهبي ۽ گهڻ قومي ملڪ آهي، پاڪستاني شهرين کي آئين موجب سمورا بنيادي حق حاصل آهن، انهن جي حقن ??ي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ پ??رل??امينٽ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهيا آهيون، اقليتي برادرين کي به پ??رل??امينٽ ۾ ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي. اسپيڪر چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن ??ي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي اتي جاري ظلمن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جي ايس پي پلس جي حوالي سان پاڪستاني قدمن کي عالمي پ??يرائي ملي رهي آهي.يورپي يو??ين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي اهم ملڪ آهي، ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، يورپي يو??ين پاڪستان سان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپا مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil