اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اوالزاس بيڪ تينوف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مواصلات ۽ نجڪاري واري وفا??ي وزير عب??ال??ليم خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن مهمان و??يراعظم جي شاندار ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي.
ان موقعي تي روايتي لباس پهرين ٻارن کيس گدستو پيش ڪيو. قزاخستان جي وزيراعظم جي اچڻ جي موقعي تي نجڪاري واري وفا??ي وزير ۽ مهمان و??يراعظم جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفارتخاني جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. قزاخستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي جي فروغ ۽ علائقائي تعاون ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جي اميد وڌي وئي آهي.