اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ??ياريءَ جي موقعي تي پاڪستان جي هندو برادري کي مبارڪبا?? ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر ڏياريءَ جي موقعي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هندو برادري کي ڏياريءَ جي ڏڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڏياريءَ روشنين جو ڏڻ امن، خوشحالي ۽ خوشي جو پيغام ڏي ٿو. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جون خوشيون ملهائڻ مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري جي عڪاس آهي. وقتي صدر چيو ته ڏياريءَ اونداهي تي روشني جي فتح ۽ برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ??يو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ اسان جي ثقافت جي علامت آهي، پاڪستان جو آئين سمورين اقليتن کي مذهبي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان سڀني ??ي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس