لا??ور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اول??ن ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪ??ي. ??فد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ??زن?? ٽو ??زن?? لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??فد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.
ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado