باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مض??وط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سا?? ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن ماحولياتي تبديلي سا?? پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ان حوالي سا?? عالمي تعاون کي وڌائڻ جي صدر الهام عليوف ج?? ويزن ۽ عزم کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان زريلي گئسن جي اخراج ۾ معمولي حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن آذربائيجان ۽ عالمي برادري سا?? ماحولياتي تبديلي بابت چئلينجز تي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان آذربائيجان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي رابطن سا?? گڏوگڏ ثقافتي لاڳاپن جي مض??وطي جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مض??وط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ