اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري ??فاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري ??فاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائي وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سا?? 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ج?? صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سا?? ڪراچي وا??ر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ۽ پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سا?? ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری