گڏيل قومون-26 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش پنهنجي خلاف لڳايل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي سندس خطاب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو جيڪو انتهائي ??فس??سناڪ آهي ۽ کيس ان سان سخت ڏک پهتو ??هي. هن چيو ته هو ان ??الهه جو اعتراف ڪري ٿو ته هن فل??طي??ي عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو هو پر هن اهو به چيو هو ته ان ??ي حماس جي اسرائيل خلاف ڪارروائي جو جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن جو هي الزام ته هن حماس جي حملي جو جواز پيش ڪيو مڪمل طور تي ڪوڙ آهي، هن چيو هو ته جيتوڻيڪ حماس طرفان 7 آڪٽوبر تي ڪيل حملن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي پر ان حقيقت جو ادراڪ به ضروري آهي ته حماس جا حملا خلا ۾ ناهن ٿ??ا، فل??طي??ين کي 56 سال ڏاڍ جو شڪار بڻايو ويو آهي ۽ حماس جي حملن کي فل??طي??ين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي. سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جي جواب ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن ساڻس ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير گيلاداردان ٽوئيٽ ڪيو ته سيڪريٽري جنرل اسرائيل تي حملاس جي حملي جو جواز پيش ڪيو آهي ان ??انپوءِ هو ان عهدي تي رهڻ جو اهل ناهي رهيو ۽ کيس استعيفا ڏيڻ گهرجي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ موجب هن اسرائيلي سفير طرفان استعيفا ڏيڻ جي مطالبي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria