رياض-07 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب ويزن 2030ع تحت شاندار ترقياتي موقعن ۽ امڪانن جي بنياد تي پائيدار واڌ جي شرح ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. سعودي اخبار اردو نيوز موجب شهزاده محمد بن سلمان سعودي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب ۾ ترقي ۽ مالياتي ۽ اقتصادي سڌارا جاري ??کڻ تي ا??مي??ان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايتن موجب مملڪت جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. تيل کانسواءِ ٻين ذريعن مان قومي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سرڪاري ??رچن جو دائرو وسيع ڪري واڌ جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان نئين قومي بجيٽ جي پابندي ڪندي. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته نئين بجيٽ سان اڀرندڙ اقتصادي شعبا ترقي ڪندا، سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، مقامي منصوعات جو استعمال وڌندو، تيل کانسواءِ سعودي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۽ قومي ترقياتي فنڊ جي موثر ۽ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مالياتي صلاحيت وڌائي ۽ سرڪاري محفوظ اثاثن ذريعي سرڪاري ??زاني جي ڪار??رد??ي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري ??کنداسين. قومي قرضن ۾ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني بحران يا تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي. هن سرڪاري ??رچن ۾ اضافي جي روڪٿام جو ذ??ر ڪندي چيو ته ان جو بنيادي سبب مقامي شهرين، پرڏيهين ۽ زائرين کي فراهم ڪيل خدمتن جو معيار بهتر کان بهتر بڻائڻ جي خواهش آهي. سعودي ولي عهد اقتصادي واڌ لاءِ نجي شعبي سان حصيداري ??هتر بڻائڻ ۽ ان کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ايندڙ سال معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻندو ۽ سمورن اقتصادي شعبن کي جديد خطن تي هموار ڪري معيشت ۾ واڌ ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار بڻائيندو.
معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻنداسين: سعودي ولي عهد
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria