واشنگٽن -17 اپريل (اي پي پي) آمريڪي ايوان ايران تي پابندين جي قانون کي ??ڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي ايوان ان قانون جي حمايت ڪئي جنهن تحت آمريڪي صدر ايراني معيشت خلاف اڻڄاڻايل مدي لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪري رکيون آهن. بل جي حمايت 407 قانون سازن ڪئي جڏهن ته 16 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. هاڻي ان بل ري سينيٽ کي نظرثاني ڪرڻي پوندي. مئي 2023 ۾ پيش ڪيل اهو بل 1996 جي ايران پابندين جي ايڪٽ جي مدي کي ??ڻڄاڻايل قرار ڏنو. جيڪو 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي. آءِ ايس اي، جنهن ۾ ڪانگريس ذريعي بار بار توسيع ڪرڻي ٿي پوي، آمريڪي ايگزيڪيوٽو پاور کي ??يران جي ايٽمي هٿيارن جي تياري کي ??وڪڻ لاءِ توانائي جي شعبي تي پابنديون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ صدارتي اختيارن ۾ توسيع ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ۾ ايراني صنعت جي ٻين شعبن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت به شامل آهي. ڪانگريس ان کان پهرين به ڪيترائي ڀيرا ان ايڪٽ جي ٽائيم فري?? کي ڊيگهه ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. ??ر اهي ??وششون ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن مان گذرڻ ۾ ناڪام رهيون.
آمريڪي ايوان جي ايران تي پابندين واري قانون کي اڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری