رياض-01 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ هن وقت پنهنجي عوام خلاف انهي نوعيت جي قانونسازي مختلف رياستن جي سطح تي نظر اچڻ لڳي آهي، جنهن نوعيت جي پهريان پنهنجي پرڏيهي ۽ انتهائي قسم جي دشمن ملڪن ۽ قومن خلاف ڪئي ويندي رهي آهي. العربيه مطابق آمريڪي رياستن ۾ ان قسم جي قانونسازي جنهن تي فرد جي آزادي کلي عام متاثر ٿيندي نظر ايندي هئي پر هاڻي ڪيترين ئي ??مريڪي رياستن اهو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته سندن عوام جيڪڏهن ڪنهن خاص فيڪٽري يا ملڪ جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪندو ته کين ان جي اجازت نه هوندي، اهڙي پابنديءَ جو پهريون نشانو آمريڪي نوجوان ۽ شاگردن جي ان تحريڪ جو ماحول بڻجي رهيو آهي جن غزه جي جنگ ۾ عورتن، ٻارن ۽ عام شهرين جي فوتگين سبب ڪيترن ئي هفتن کان اسرائيلي جنگبندي ڪرڻ جو آواز اُٿاري ڪري رکيو آهي. ان سان آمريڪا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عام ماڻهوءَ آڏو اسرائيل جو اهو چهرو واضح نظر اچڻ لڳو آهي جيڪو پهريان ڪڏهن به نه ڏسڻ ۾ ايندو هو. ان لاءِ ردعمل ۽ غصي ۾ اچي اسرائيلي مصنوعات سان گڏوگڏ ان جي جنگ حامي ادارن جي مصنوعات ۽ خيالن تي به آمريڪي عوام سوال اُٿاري رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪيترين ئي ??ياستن، اندروني ماحول ۽ ڪلچر لاءِ اجنبي طرز جي قانونسازي شروع ڪري ڇڏي آهي. انهن رياستن اسرائيل جي بائيڪاٽ کي غير قانوني قرار ڏيندي قانونسازي ڪئي ??هي جنهن جو مطلب آهي ته ڪوبه آمريڪي رياست جو فرد اسرائيل جو بائيڪاٽ ڪندو يا ان بائيڪاٽ جي حمايت ڪندو ته اهو ڏوهي تصور ڪيو ويندو. واضح رهي ته رياستن ۾ اسرائيل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي انهن ۾ ٽيڪاس، اوهائيو، الينواءِ، انڊيان??، فلوريڊا، ايريزونا، جارجيا، آئيووا، پنسلوانيا، مشي گن، آرگڪنساس، مينيسوٽا، نيواڊا، ڏکڻ ڪ??رو??نيا، الاباما، رهوڊ آءِ لينڊ، نيوجرسي، اوڪلاهوما، ڪنساس، نارٿ ڪ??رو??ينا، يوٽاهه، مسوري، اڊاهو، ويسٽ ورجينيا، ڪولوراڊو، مسي سيپي ۽ نيو هيمپشائر شامل آهن. پر اها حقيقت آهي ته وچ ا??ڀر ۽ ايشيائي ملڪن جيان اسرائيل جي بائيڪاٽ جي مهم هاڻي آمريڪا ۾ به جاءِ ٺاهي رهي آهي. الاسڪا ۾ گورنر مائيڪ ڊنليوي هلندڙ سال هڪ انتظامي حڪم نامي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رياستي ايجنسين کي انهن ادارن سان ڪاروباري ڏيتي ليتي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي جيڪي اسرائيل جي بائيڪاٽ جي حمايت ڪن ٿا.
آمريڪا پاران اسرائيل جي بائيڪاٽ جي عوامي اپيل روڪڻ لاءِ رياستن جي قانونسازي جاري، پنهنجا ئي شهري نشاني تي بڻيل
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ