بيجنگ-11 نومبر (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لي جيان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. گذريل ڏينهن چيني م??ڊيا مطابق ترجمان چيو ته چين ??هشتگردي جي خاتمي ??ي ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو ۽ پرڏيهه ۾ چيني شهرين ??ي سرگرمين ۽ ادارن جي سلامتي جي ثابت قدمي ??ان گڏ حفاظت ڪندو. چين پاڪستان ناتن کي خراب ڪرڻ واري سموري سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان سدا بهار اسٽريجٽڪ سهڪار جا شراڪتدار آهن، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت