تھران-28 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آھي ته اسان جون ??يٽمي سرگرميون ??فاف آھن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي نگراني ھيٺ ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ايران جي ايٽمي توانائي واري اداري جي سربراھه محمد اسلامي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ا??راني ايٽمي پروگرام ۽ ان جو مقصد واضح آھي، اھو شفاف ۽ پرامن آھي، اسان جون ??م??ري??ن سرگرميون ??ءِ اي اي اي جي نگراني ۽ ايٽمي ھٿيارين جي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پروگرام جي دائري اندر ي??ري??يم جي رچاءُ جي سطح کي وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي وضاحت ڪندي ھن چي?? ته اسان وٽ مختلف ھدفن مطابق افزودگي جون مختلف شرح آھن، اھم ڳالھه اھا آھي ته اسان ڪارڪردگي کي وڌائي سگھون ٿا. ھن چي?? ته اعليٰ سطح تي ي??ري??يم جي رچاءُ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اقتصادي مشن کي حاصل ڪرڻ اسان جي منصوبي جو حصو آھي، اميد آ??ي ته ا??ران، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جا نائب پرڏيھي وزير ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ 29 نومبر تي سوئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ملاقات ڪندا.
اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف ۽ آءِ اي اي اي جي نگراني ھيٺ ۽ اين پي ٽي جي دائري اندر آھن: ايران
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری