ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي ج??س تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندشن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ج??ڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو د??جو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وقت جي صدر محمد ايوب خان افت??اح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ج??ڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن دفاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي ج??هن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : sorteios quina