اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر ??مي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقع?? تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائ?? تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ و??من بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ??مي?? ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
نجڪاري واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات