اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شري?? چيو آهي ته 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو غير آئيني هو، عمران خان آئين کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ غداري ۽ بغاوت جا الزام لڳايا، معاشري ۾ تمام گهڻو بگاڙ آ??دو ويو، پهريان به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ جو فيصلو عوام آڏو آ??دو وڃي، اڄ پاڪستان کي بچائڻو آهي ته آئين جي بالادستي ڪرڻي پوندي. اهڙو اظه??ر هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شهباز شري?? چيو ته اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي، سڄي قوم جون نظرون هن وقت عدالت تي آهن، اميد ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ جلد فيصلو ڏيندي، جج پاڪستان جي آئين ۽ سلامتيءَ تي آنچ آڻڻ نه ڏيندا، هن چيو ته هٽلر نازي هو پر عمران خان نيازي آهي، عمران خان 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو غير آئيني هو، تحريڪ انصاف وارن بغاوت ۽ غداريءَ جا الزام لڳايا، شهباز شري?? چيو ته عمران خان جون معاشي تباهيون ۽ برباديون گهڻيون ٿي ويون آهن، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري پاڪستان کي ڏهاڪا پٺيان ڪري ڇڏيو آهي، قوم جو جيڪو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي ان کي بچائڻو آهي، هر هنڌ ان جو مقابلو ڪنداسين. شهباز شري?? چيو ته هتي ته خط جو جواز ڄاڻايو ويو، پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪه??و خط هو جو اربع ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ کي تالا لڳاي?? ويا، آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏايون ويون. هن چيو ته جهانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ جو شڪرگذار آهيان، حمزه شهباز کي 199 ووٽ مليا آهن، حمزه شهباز مقرر ڪيل ووٽن کان 13 ووٽ وڌيڪ کنيا.
3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو غير آئيني هو، عمران خان آئين کي تباهه ڪيو: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا