اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري ??دمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلان?? بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت ??وم کي هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي ر??ي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي ر??يو هو اهو ??وم کي 20 ارب ۾ پئجي ر??يو آهي، عمران حڪومت جو اهو ظلم ??وم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري ??اڪ??تان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری