سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت ج?? غي??قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳ??اڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غي??قا??وني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ ??ان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ ج?? غي??قا??وني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳ??اڻ کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا