ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيندا، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، اين ايف سي ايوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا گهٽ هوندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره غازي خان جي ٻوڏ متاثر ع??ائ??ن جي دوري دوران ڪوٽ چٺا ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? و??ير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون عطا تارڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 2019ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڀارت ۾ مودي سرڪار هڪطرفا غيرقانوني قدم کڻند?? و??لاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ ظلم ۽ زيادتي جو بازار گم ڪيو ۽ ڪشميرين کي جيڪي ٿورا گهڻا آئيني حق حاصل هئا انهن کي به پائمال ڪري ڇڏيو، ڀارت 70 سالن کان ڪشميرين جي انساني حقن جون جيڪي خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ معصوم ۽ بيگناهن جو رت وهائي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو، اڄ نه رڳ پوري پاڪستاني قوم پر سڄي اسلامي دنيا ڪشمير جي انهن عظيم فرزندن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي جن ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف علم بند ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ ڪشميرين کي ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ انهن کي آزادي جو سج ڏسڻ نصيب ٿ??ي. ??زيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ هر قسم جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي ۽ هڪ ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو. وزيراعظم ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتي??بي لاءِ دعا ڪ??ي. ??ن چيو ته آئون مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين کي خاطري ڪرايان ٿو ته حڪومت متاثرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 11 – 2010ع ۾ جڏهن هن ع??ائ??ي ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ ميانوالي چاچڙان شريف تائين هي سڄو ع??ائ??و سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيو هو ته آئون نواز شريف جي قيادت ۾ ڏينهن رات هتي مصروف رهيس. ڊيره غازي خان، ميانوالي، بکر، رحيم يار خان ۽ راجن پور سميت سڄي ع??ائ??ي ۾ اسان ج?? و??يرن ۽ سيڪريٽريز ڀرپور ڪم ڪيو، تندور لڳايا ۽ عوام جي لاءِ تنبو، ميڊيڪل ڪئمپس، دوائن ۽ چوپائي مال جي لاءِ چاري جو انتظار ڪيو. وزيراعظم چيو ته انساني جان جي ڪا قيمت نه آهي ۽ ان جي نقصان جو ازالو ممڪن نه آهي، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک في فرد ڏيندي جڏهن ته زخمين جي لاءِ اڍائي لک ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪچي ۽ پڪي جي فرق کانسواءِ مڪمل تباهه ٿيندڙ گهر جو 5 لک رپيا جڏهن ته جزوي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته فصلن جي نقصانن جي سروي صوبن سان گڏجي ڪئي ويندي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا گهٽ هوندا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ اربين رپين جي وفاق جي منصوبن ۾ بطور وڏ?? و??ير صوبائي حڪومت جي فنڊز سان مڪمل ڪرايا هئا، پنجاب حڪومت سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ ان گڏيل چئلينج کي گڏجي منهن ڏينداسين، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته حقدارن کي انهن جي گهرن جي درن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هي سياست جو نه خدمت جو وقت آهي، متاثرين کي فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي، ڀاڻ ۽ ٻج فراهم ڪيا ويندا ۽ گهر ٻيهر تعمير ڪيا ويندا.
وفاق ۽ صوبا گڏجي ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيندا، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، اين ايف سي ايوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا گهٽ هوندا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس